صابري يشڪري

صابري يشڪري: محمد بن قاسم سنڌ جي فتح کانپوءِ ملڪي نظام لاءِ رئيس ۽ ڪامورا مقرر ڪيا. پنهنجي خاص اميرن ۽ وزيرن مان مختلف شهرن ۾ هر هڪ کي مقرر ڪري ملڪي نظام هلائڻ شروع ڪيو. صابري يشڪري به محمد بن قاسم جي خاص اميرن مان هو. هي وڏو بهادر ۽ جنگي فن ۾ مهارت رکندڙ هو. محمد بن قاسم علائقا فتح ڪندو ويو ۽ پويان پنهنجا امير مقرر ڪندو ويو ۽ اهڙي طرح نيرون ڪوٽ ۽ ديبل جي عملداري پنهنجي خاص امير صابري يشڪري کي ڏئي اڳتي وڌي ويو. صابري يشڪري مليل علائقن جي عملداريءَ جو نظام وڏي بهادري ۽ ايمانداريءَ سان هلايو ۽ سالياني آمدني جو گهڻو حصو محمد بن قاسم ڏي موڪليندو رهيو.


لفظ صابري يشڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو